اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته امپورٽس کي گهٽ ڪيو ويو آهي، رپئي تي دٻاءُ گذريل مهيني ٿيل 7 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي امپورٽ جي ادائيگين جو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ ۾ ٻه مهينن جو ڊيزل ۽ فرنس آئل موجود آهي، ايندڙ ٻه مهينا ڊيزل ۽ فرنس آئل امپورٽ نه ڪنداسين. هن چيو ته ايندڙ مهيني رپئي جو قدر مستحڪم ٿي ويندو، ايندڙ هفتي اسٽيٽ بئنڪ گورنر کي نامزد ڪنداسين. ان مهيني جون درآمدون گذريل مهيني کان گهٽ آهن، بئنڪن ۾ ڊالر جي طلب گهٽ ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته گذريل مهيني ساڍا 7 ارب ڊالرن جون درآمدون ٿيون هيون، ڊالر تي دٻاءُ سياسي بحران سبب به آهي. ڪوشش آهي ته درآمدون گهٽ ڪيون ۽ برآمدن کي وڌايون. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته معيشت بهتر نموني هلي رهي آهي، جيڪي قدم کنياسين، انهن تي ڪا شرمساري ناهي، ڇو ته اسان ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ اهي قدم کنيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close