حيدرآباد: بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي لا عوامي تحريڪ طرفان ڪالهه ٺٽي، راڄوخاناڻي، نئون ڪوٽ سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مٺا خان لاشاري، بلاول لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. راڄوخاناڻي ۾ مهراڻ درس، هري ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نئون ڪوٽ ۾ ممتاز کوسو، فضل الرحمان، ممتاز جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن چيو ته سنڌ تي قبضو ڪرڻ لا پرڏيهين کي سنڌ ۾ آباد ڪري، سنڌ جون زمينون، سرڪاري ملازمتون، تعليمي ادارا ۽ سمورا وسيلا انهن پرڏيهين حوالي ڪري سنڌين کي سندن ڌرتي تي ئي اقليت ۾ تبديل ڪري، کائن سنڌ جي وسيلن کان محروم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪوڙن ڊوميسائلن تي داخلائون، پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي شاگردن جا ڊوميسائل رد ڪري کين فورن نيڪالي ڏني وڃي.