اسلام آباد : وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ تيزي سان پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي. وڌندڙ آبادي جي ڪري الارمنگ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اسان کي ڊيم ٺاهي پاڻي گڏ ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ نيشنل واٽر پاليسي سيمينار کي خطاب ڪندي خورشيد احمد شاهه چيو ته رڳو 9 سال پهريان في ڪس 900 گيلن پاڻي موجود هو. اسان کي وقت تي ڊيم ٺاهڻ گهرجن ها جيڪي ناهي ٺهي سگهيا، نتيجي ۾ اسان پاڻي جمع نه ڪري سگهياسين. حڪومت کي ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪجهه سالن ۾ ملڪ جي آبادي 30 ڪروڙ ٿي ويندي ۽ ايندڙ وقت ۾ اسان کي وڌيڪ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته صوبن وچ ۾ پاڻي تي جهيڙا ٿي رهيا آهن. ٻين ملڪن ۾ پاڻي جا ميٽر لڳل آهن پر پاڪستان ۾ پاڻي مفت فراهم ڪيو وڃي ٿو. هن وقت ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪٿي 50 ته ڪٿي 60 سيڪڙو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close