اسلام آبادپاڪستان

آفتاب سلطان جاسوسن جو به جاسوس ۽ رياست بدران شريفن جو وفادار:رپورٽ

اسلام آباد :nيب جو مقرر ٿيل نئون چيئرمين آفتاب سلطان جاسوسن جو به جاسوس سڏيو وڃي ٿو. پي ٽي آئي سندس مقرري لاهور ها ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته عمران خان اڳ ئي مٿس تنقيدون ڪندو رهيو آهي. ان ڏس ۾ برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي رپورٽ موجب آفتاب سلطان 1954ع ۾ پنجاب جي شهر فيصل آباد جي هڪ سياسي ۽ صنعتي خاندان ۾ پيدا ٿيو. آفتاب سلطان پنجاب يونيورسٽي مان قانون ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1977ع ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري پوليس سروس ۾ شامل ٿيو. آفتاب سلطان پنهنجي ڪيريئر دوران مختلف تڪرارن جو شڪار پڻ رهيو. 2002ع ۾ جڏهن پرويز مشرف پاران ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ريفرنڊم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان وقت آفتاب سلطان ڊي آءِ جي سرگوڌا ۾ مقرر هو.صحافي اعزاز سيد موجب آفتاب سلطان کي اعليٰ اختيارين جو پيغام مليو ته هو ريفرنڊم ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چئي، پر هن انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. اعزاز موجب جڏهن ريفرنڊم جو نتيجو آيو ته سرگوڌا انهن چند شهرن مان هڪ هو جتي ٽرن آئوٽ ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هو. ٿوري دير کان پوءِ آفتاب سلطان کي معطل ڪيو ويو. 2013ع جي عام چونڊن وقت آفتاب سلطان ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب جو انسپيڪٽر جنرل آف پوليس هو. انهن چونڊن کانپوءِ جڏهن مسلم ليگ ن اقتدار ۾ آئي ته نواز شريف آفتاب سلطان کي ڊي جي آءِ بي جي عهدي تي بحال ڪيو. اهڙي طرح يوسف رضا گيلاني کان پوءِ هاڻي آفتاب سلطان هڪ ٻئي وزيراعظم جي نظر ۾ ان عهدي لاءِ ‘بهترين چوائس’ بڻجي ويو آهي. سال 2014 ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان الزام لڳايو هو ته آفتاب سلطان آءِ بي جي سربراهه جي حيثيت سان صحافين ۽ اينڪرز ۾ رقم ورهائي هئي، پر آفتاب سلطان ان الزام کي رد ڪندي انهن الزامن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو هو. سال 2018 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان الزام لڳايو هو ته ن ليگ حڪومت چونڊن لاءِ اميدوارن جي چونڊ جو ٽاسڪ آءِ بي کي ڏنو هو. هن آفتاب سلطان کي شريف گروهه جو ميمبر قرار ڏيندي چيو ته آءِ بي سربراهه اندازو لڳائي رهيو آهي ته ڪهڙو اميدوار اليڪشن کٽي سگهي ٿو. جڏهن عمران خان جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف 2014ع ۾ پارليامينٽ جي سامهون ڊي چوڪ تي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت خلاف 126 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو ته ان وقت آفتاب سلطان ڊي جي آءِ بي هو. عمران خان جي دور ۾ جڏهن نواز شريف سميت مسلم ليگ ن جي ٻين سينيئر اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته نيب آفتاب سلطان خلاف 2020ع ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ڪرپشن (گاڏين جي غيرقانوني خريد و فروخت) تي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري به ڏني. پر بعد ۾ نيب پنهنجو ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو. سال 2017 دوران تحريڪ انصاف پنهنجي هڪ پارٽي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ ڊي جي آءِ بي آفتاب سلطان کي “رياست بدران شريفن جو وفادار” قرار ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي ته آفتاب سلطان جي نواز شريف سان ملاقات ٿي آهي. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شفقت محمود شهباز شريف تي “پنهنجي وفادار” کي نيب چيئرمين مقرر ڪرڻ جو الزام هنيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اظهر صديق آفتاب سلطان جي مقرري جو اعلان ڪيو آهي. نيب چيئرمين کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button