اسلام آبادپاڪستان

عمران خان اڃا تائين زرداري فوبيا ۾ ورتل آهي: شيري رحمان

اسلام آباد : پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان اڃا تائين زرداري فوبيا ۾ ورتل آهي، کيس پنهنجي اسيمبلي ميمبرن تي ڀروسو نه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ تي تنقيد ڪندڙ هاڻي ان کي سڏ ڪري رهيا آهن، چاهين ٿا ته عدالت انهن جا نمبر پورا ڪري. تحريڪ انصاف الزامن بدران پنهنجا اندريان سياسي معاملا ٺيڪ ڪري. تحريڪ انصاف پاران آصف علي زرداري تي الزام مڙهڻ تي ردعمل ڏيندي شيري رحمان چيو ته آصف علي زرداري تي ووٽ خريد ڪرڻ جو الزام به مسٽر ايڪس ۽ مسٽر وائي تي ڌانڌلي جي الزام جهڙو آهي. هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي هر ناڪامي جي پٺيان آصف علي زرداري جو هٿ نظر اچي ٿو. هن چيو ته هي پنهنجي اسيمبلي ميمبرن جي باغي ٿيڻ جو الزام به ٻين تي لڳائي ٿو. هن چيو ته تحريڪ انصاف آصف علي زرداري تي خريد ۽ وڪري جو الزام هڻي پنهنجن ميمبرن تي عدم اعتماد ظاهر ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هي سپريم ڪورٽ تي تنقيد ڪري رهيا هئا، هاڻي انهيءَ عدالت کي سڏ ڪري رهيا آهن. هاڻي اهي چاهين ٿا ته عدالت سندن نمبر پورا ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تي ڌانڌلي جو الزام مڙهي دٻاءُ وجهڻ کان پوءِ هاڻي التجا ڪري رهيا آهن ته ميمبرن جي وڪري کي روڪيو وڃي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ پنهنجن اندرين سياسي معاملن ۾ عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن کي مداخلت جو چئي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button