پاڪستانسنڌ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ پوليس دعا زهرا جي مڙس ظهير احمد کي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ درخواست تي شنوائي ڪئي. شنوائي دوران جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته دعا زهرا کي هر صورت ۾ ڪراچي آڻڻو آهي، ڏوهه ڪراچي ۾ ٿيو آهي ته ڪيس جي شنوائي به هتي ئي ٿيندي، جڏهن ته ڪيس به هن ئي شهر ۾ شنوائي هيٺ آهي، ڪراچي ۾ به شيلٽر هوم آهن، هتي به دعا کي ڪو خطرو نه هوندو، هتان جي شيلٽر هوم ۾ به حفاظتي انتظام هوندا. جڏهن ڇوڪري والدين به هن ئي شهر ۾ رهن ٿا. عدالت جوابدار ظهير جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چاهيو ٿا ته دعا کي ڪراچي منتقل نه ڪيو وڃي؟ جنهن تي جوابدار جي وڪيل چيو ته دعا کي ڪراچي منتقل نٿو ڪري سگهجي، هوءَ جيڪڏهن ڪنهن سان نه ملڻ گهري ته به ڪير ساڻس ملي نٿو سگهي، عدالت به چاهي ته ڇوڪري سان ملڻ جو نٿي چئي سگهي. وڪيل جي دليل تي عدالت چيو ته دعا جي عمر بابت فيصلو ٿي چڪو آهي، سندن بيان جي ڪا اهميت ناهي، اسان سندس ڪسٽڊي والدين جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ناهيون ڏئي رهيا. ٻڌڻي دوران سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي وڪيلن به دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي حمايت ڪئي جنهن تي عدالت دعا جي بازيابي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. بعد ۾ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button