پاڪستان

مون حڪومت کي چيو آهي ته عمران خان کي جيل ۾ وڌو وڃي: فضل الرحمان

بنون: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مون حڪومت کي چيو آهي ته عمران خان کي جيل ۾ وڌو وڃي، وزيراعظم غير ضروري شرافت ڏيکاري رهيو آهي، جيڪڏهن اسان عمران خان جي خلاف هجون ها ته ننڍي چونڊ جي نتيجن خلاف به اٿي بيهون ها. بنون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ جيڪا ڌانڌلي ٿي، سدائين ان خلاف آواز اٿاريو آهي، عمران خان پنهنجي حدن ۾ رهي، جمعيت وارا اڃا جيئرا آهن، عمران خان جي چوڌاري چريا ۽ بيوقوف گڏ ٿيل آهن، جيڪي بيوقوف جي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن، اسان توهان لاءِ زمين ايتري گرم ڪري ڇڏينداسين جو يوٿين جا نرم پير ان جي نه رکي سگهبا. هن چيو ته اهي نيوٽرل ٿي ويا ته عمران خان انهن کي جانور چوڻ لڳي ٿو، عمران خان ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، مالم جبا، بي آر ٽي، بلين ٽري وڏا ڪيس آهن، هاڻ انهن جو حساب ٿيندو. سندس چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ دير ڇو پئي ڪئي وڃي؟ قانون ٺاهڻ جو حق پارليامينٽ کي آهي، اهو عدالت جو ڪم ناهي، ايوان ۾ رولنگ سان آئين ٽوڙيو ويو، صدر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ٻنهي آئين ٽوڙيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button