لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اڄ اسان جي مينڊيٽ کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ سريلنڪا وانگر ٿي ويندو پوءِ ڪو به ڪنٽرول نه ڪري سگهندو، پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي ٻنهي پارٽين وري پئسو هلائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو ته پوءِ جيڪو ٿيو، ان جي ذميواري مون تي نه هوندي. لاهور جي علائقي لبرٽي چوڪ ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون سڪندر سلطان جهڙو بدديانت اليڪشن ڪمشنر ناهي ڏٺو، اسان سڀ ڳالهيون اليڪشن ڪميشن کي ٻڌائيندا رهياسين، سڪندر سلطان سنڌ ۾ مڪاني ۽ ننڍي چونڊ رڳو برسات سبب ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڊسڪا ۾ سڄي اليڪشن ٻيهر ڪرائي. هن چيو ته اسان ان اليڪشن ڪمشنر جي نگراني ۾ جنرل اليڪشن نه وڙهنداسين، سڀني کان وڏي پارٽي کي جڏهن ان تي يقين ناهي ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي،
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close