لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ ادب شعبي پاران سنڌي ٻولي جي شاعر سينيئر صحافي منور رند جي پھرين شاعري جي ڪتاب “لفظن منجهھ ھڳاءُ” جي مهورت تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور خان لغاري چيو ته شاعر حساس ٿئي ٿو، هڪ شاعر شاعري ذريعي پنهنجي جذبن ۽ ٻين جي اندر جي آواز جي عڪاسي ڪري ٿو. منور رند جو پهريون شاعري مجموعو بهترين شايع ٿيو آهي، سندس شاعري ۾ بهترين خيال آهي. منور رند ڌرتي سان محبت، ما سان محبت ۽ محبوب سان محبت جو پنهنجي شاعري ۾ ذڪر ڪيو آهي.لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته منور رند ڪتاب لکيو آهي، نئين ٽهي جي نوجوان شاعر منور رند وٽ خوبصورت خيال آهن محبوب سان رسڻ پرچڻ جون تشبيهون آهن. پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، ناليواري اديب احمد علي صابر چانڊيو، سيڪريٽري آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو عبدالستار کهاوڙ، نائب صدر آرٽس ڪائونسل محمد اسماعيل جتوئي، ڊپٽي سيڪريٽري عبدالهادي بگٽي، پروفيسر ڄام جمالي، ليکڪ سڪندر عباسي، شاهنواز لائبريري جي ڊائريڪٽر شمس الدين ڪلهوڙو، چيئرمين لائبريري، اڳوڻو سيڪريٽري عبدالنبي ساريو، ليکڪ علي روشن شيخ، عاشق دايو، صحافي نادر ابڙو، عبدالقادر گوپانگ ۽ ريڊيو پروڊيوسر مشتاق تنيو ٻين شرڪت ڪئي. آخر ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن برڪت گوپانگ، سليم رضا ڪنڀر، سهڻي ناز ۽ شهزادو منظور چانڊيو منور رند جي شاعري ڳائي ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close