لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي امير شاهھ پاڙي جي رهواسڻ پيرسن بيوهھ عورت ٻيلي کاتي ۾ ڪچي ملازم طور ڪم ڪندڙ پٽ کي مستقل ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نصيبان خاتون مهيسر صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو مڙس خان محمد مهيسر ٻيلي کاتي جو ملازم هو، جيڪو سال 2002ع دوران فوت ٿي ويو، مڙس جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سال 2012ع ۾ ٻيلي کاتي ۾ منهنجي نوجوان پٽ فدا حسين مهيسر کي مالهي طور ڪچي نوڪري ملي، جنهن جي پگهار هن وقت 10 هزار رپيا آهي، جنهن مان گهر جو گذر سفر انتهائي ڏکيو آهي، ڪيترن ئي سالن کان پٽ ڊيوٽي ڪري پيو، پر کيس پڪو نٿو ڪيو وڃي، جيڪو ظلم آهي. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيلي کاتي جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته پٽ کي پڪو ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close