اسلام آبادپاڪستان

عوام منافق ۽ ڪوڙن جي سياست رد ڪري چڪو آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد:سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان جي عوام چور منافق ۽ ڪوڙن جي سياست کي رد ڪري چڪي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته عمران خان جو چونڊ فريم ورڪ 2018، خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، سينيٽ ۽ ڊسڪا اليڪشن ۾نظر اچي ويو هو، 4 سال چونڊ فريم ڪٿي هو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ذريعي معاشي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان ۽ ان جي عوام عمران بشريٰ، گوگي مافياز ۽ ڪارٽلز جي چورين جي سٽ نٿي سهي سگهي. هن چيو ته 3 اپريل تي عمران خان اقتدار کان الڳ ٿي چڪو آهي، گار ڌمڪي وارا ڏينهن گذري ويا. آرام ڪري خاموش رهي ۽ ڪم ڪرڻ ڏي. مريم اورنگزيب چيو ته وفاداريون خريد ڪرڻ جو سياسي ڌنڌو عمران خان جو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر کان اين آر او گهري رهيو آهي. هي سڪندر سلطان آهي جاويد اقبال نه آهي جو اوهان جي بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪي ۾ اچي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button