
اسلام آباد: ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت منهنجو پاڪستان، منهنجو گهر اسڪيم جاري رکندي. فنانس ڊويزن ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هن وقت اسڪيم کي نئين سر جوڙڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان کي جلد لاڳو ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ اجلاس منعقد ٿيو، حڪومت منهنجو پاڪستان، منهنجو گهر اسڪيم کي انهن سمورن لاءِ جاري رکندي جنهن جون قرض جون درخواستون منظور ٿي چڪيون آهن ۽ جنهن ايڊوانسز (سوٿي) ادا ڪئي آهي. اسان بئنڪن کي به چونداسين ته هو وياج جي شرح کي گهٽ ڪن. هن چيو ته ان اسڪيم کي حڪومت نئين سري سان بهتري طريقي سان متعار ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اسان هاڻي به اسڪيم کي سستو ۽ وڌيڪ وسيع بڻائڻ لاءِ ان جي جوڙجڪ جي عمل ۾ آهيون. ان نظرثاني ٿيل اسڪيم کي جلد ئي متعارف ڪرايو ويندو. هن چيو ته ان اسڪيم جي ذريعي عام ماڻهن پاران پهرين کان ڪيل سيڙپڪاري محفوظ رهندي.