اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 7 ڄڻا فوت،679 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران عالمي وبا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 2 ڏهائي 95 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. صحت جي قومي اداري (اين آءِ ايڇ) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا 23 هزار 35 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 679 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي هاڪاري ڪيسز جي تصديق ٿي آهي. ڪرونا هاڪاري ڪيسن جي شرح 3 سيڪڙو جي ويجهو آهي. جڏهن ته 166 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button