پاڪستانسنڌ

خانپور ۾ پ پ ڪلچرل ونگ دادو پاران تقريب، عزيز جوڻيجو شريڪ

ڪڪڙ: ڪڪڙ لڳ خانپور ۾ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جي مان ۾ پ پ ڪلچرل ونگ ضلعي دادو جي اڳواڻن ميان غلام حيدر عباسي، غلام مصطفيٰ عباسي، نياز حسين سخيراڻي، سعيد احمد لاکير، صدام سومرو، روشن ٿهيم ۽ ٻين تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، استادن، واپارين، ڊاڪٽرن ۽ صحافين سماجي اڳواڻ سجاد حسين جوڻيجو، واپاري اڳواڻ محمد اقبال چارڻ، وڏيري ضياءُ الدين ساريو، استاد محمد موسى گاڏهي، استاد احمد علي ٻٻر، استاد ديدار مشوري، ڊاڪٽر محمد پريل قمبراڻي، ڊاڪٽر صديق مزناڻي، استاد حاڪم علي هنڱورو، استاد محمد اسلم جوڻيجو، نعمت الله مزناڻي، سماجي اڳواڻ منظور سيتائي، صداقت خان ناريجو، لطف الله چانڊيو، صحافي علڻ خان نائچ، صحافي مسرور اصغر شاهه، صحافي علي گل کوسو ۽ صحافي جنيد ميراڻي کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي آيل مهمانن ۾ محمد خان نائچ، پ پ اڳواڻ زبير احمد جوڻيجو، ڊاڪٽر خليل سڪندر کونهارو، قمر زمان شاهه، سردار نبي بخش، ممتاز جوکيو، غلام نبي جوڻيجو، مظھر حسين جوڻيجو، غلام حيدر بروهي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. آخر ۾ راڳي ممتاز مولائي، مزاحيه فنڪار عبدالله ملاح ۽ سندس ٽيم ڳائي ۽ مزاحيه ٽوٽڪا پيش ڪري محفل کي چار چنڊ ۽ جهومائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button