پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام ۾ نينگر جي مبينا اغوا جي ڪوشش، فائرنگ ۾ هڪ زخمي

ٽنڊوڄام: ٽنڊوآدم ۾ ٻن ورهين جي نينگر کي مبينا گهران اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي، 7 هٿياربند گرفتار، خبر موجب ٽنڊوڄام جي غريب آباد جي رهواسي ٻن ورهين جي نينگر آفان راجپوت جو پي ساجد راجپوت 7 ڄڻن کي ساڻ ڪري ڪراچي کان پٽ سان ملڻ بهاني پهتو. جنهن نينگر کي زبردستي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته نينگر جي وارثن جي رڙين تي هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو ڪاشف گدي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو. جڏھن ته علائقي واسين ٽن ڄڻن کي هٿيارن سميت سوگهو ڪري ٽنڊوڄام پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف 4 هٿياربند فرار ٿيڻ لڳا ته راهوڪي پوليس حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي ناڪابندي ڪري چئن ڄڻن کي سوگهو ڪري ورتو. جن ۾ ساجد راجپوت، ناصر راجپوت، وڪي راجپوت ۽ ٻيا شامل آھن. جڏھن ته واقعي جو ٻڌندي ڪيترائي ئي شهري ٽنڊوڄام ٿاڻي اڳيان گڏ ٿي ويا.

جتي نينگر جي مامي محسن راجپوت ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته منهنجي ڀيڻ رابيا کي هفتو اڳ سندس مڙس ڪراچي واسي ساجد راجپوت طلاق ڏيئي گهر اماڻي ڇڏيو ۽ هاڻي ٻن ورهين جي ڀاڻيجي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ست هٿياربند ڪراچي مان ساڻ ڪري اچي اسان جي گهر مٿان حملو ڪيو ويو ۽ فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي پڻ زخمي ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوڄام پوليس ٻڌايو ته گرفتار 7 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، گرفتار ٿيلن ۾ زاهد حسين آرائين، محمد اجمل، محمد احسن راجپوت، جهانزيب، ناصر علي راجپوت، رائو وقار راجپوت ۽ ساجد راجپوت شامل آھن. جن جي قبضي مان پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آھن. جڏھن هڪ بولان ڪيري پڻ هٿ ڪئي وئي آھي. جنهن ۾ جوابدار سوار ٿي ڪراچي مان ٽنڊوڄام آيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button