پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ بلال ڪاڪا جي قتل خلاف مظاهرا

حيدرآباد: سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ حيدرآباد ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل خلاف ڪالهه مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي ريليون پڻ ڪڍيون ويو، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ سڀا پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي حاڪم لغاري، شبير لغاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هن وقت ڌارين جي لوڌ ويٺل آهي، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. گمبٽ ۾ ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو جي عنوان ھيٺ ڦول باغ کان پريس ڪلب گمبٽ تائين باشعور نوجوانن امتياز سولنگي، اعجاز فلپوٽو،خليل اڄڻ، ذاڪر عالماڻي، عليڏنو اڄڻ ڊاڪٽر نذير کوکر، اصغر ناريجو ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي وئي. شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ترقي پسند هائوس کان ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري سنڌ-بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ پڻ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، تعلقي صدر امداد سومرو، فاروق چاوڙو، شاهد مستوئي، شبير مگسي، داد محمد کنڊ، زاهد مگسي ۽ ٻين خطاب ڪيو. هوڏانهن عوامي تحريڪ ٽنڊوباگو ۾ سي اين جي پمپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مرڪزي آرگنائزر لال جروار، زرقا هاليپوٽو، مهراڻ درس، جيون ڪمار، ايڊووڪيٽ فاضل زئور، عظمت هاليپوٽو، بيگم زئور، مرتضيٰ شام، مختيار بڪاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ٽنڊوالهيار ۾ ڊاڪٽر دلدار لغاري، عبدالرحمان مڱڻهار، عبدالرحمان سمون، ايس جي ايس ٽي اڳواڻ سورٺ مڱڻهار، سنجي ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو محمد خان ۾ هرچند گوئل، علي رضا جلباڻي، ڀارمل، هاشم لغاري، محرم مگسي، وجيش گواريو، جهانگير مگسي، عبدالسلام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بلاول لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻگهاڻ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن گهر ڪئي ته سنڌ ۾ غيرقانوني رهايل غيرملڪي پناهگيرن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري ڏيهه نيڪالي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button