پاڪستانپنجاب

حمزا شهباز ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو

لاهور: پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري طرفان ق ليگ جا 10 ووٽ رد ڪرڻ کانپوءِ حمزا شهباز ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي جڏهن ته پرويز الاهي کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. پنجاب اسيمبلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي جنهن ۾ حمزا شهباز اڪثريت جي حمايت حاصل ڪري ورتي. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس پوڻا ٽي ڪلاڪ دير سان شام ستين وڳي شروع ٿيو جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ووٽنگ جو عمل شروع ڪرايو. ووٽنگ جي نتيجي موجب پي ٽي آءِ جي اميدوار پرويز الاهي 186 ووٽ کنيا جڏهن ته مسلم ليگ ن جي حمزا شهباز 179 ووٽ کنيا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت جي خط کي پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ هن ق ليگ جي ميمبرن کي ووٽ نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ق ليگ جا ڪاسٽ ڪيل سمورا 10 ووٽ رد ٿين ٿا ۽ مان ان ڳالهه جو اعلان ڪريان ٿو ته 10 ووٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button