پاڪستان

عمران خان پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ عمل خلاف احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ واري عمل خلاف احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين عوام کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حيرت آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ اڄ هنن ڇا ڇا ڪيو؟ سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 63 اي ۾ لکيل آهي ته پارٽي جو پارلياماني سربراهه فيصلو ڪندو آهي ته ڪٿي ووٽ ڪرڻو آهي، مون جيڪو خط لکيو اهو رد ٿي ويو وري پارلياماني ليڊر خط لکيو. عمران خان چيو ته اڄ پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي حيران آهيان، جمهوريت جو هڪ اخلاقي بنياد هوندو آهي، پارليامينٽ وٽ فوج ناهي اخلاقي طاقت هوندي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اڄ پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو جمهوريت ناهي، ان سان معاشي بحران وڌيڪ وڌندو، عوام احتجاج ڪري، قانون هٿ ۾ نه کڻي پرامن رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button