اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي شنوائي فل ڪورٽ ڪري:حڪمران اتحاد

اسلام آباد: حڪمران اتحاد عمران خان جي الزامن ۽ تنقيد تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيف جسٽس پاڪستان کان پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت داخل درخواستن تي فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. حڪمران اتحاد طرفان جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي شنوائي فل ڪورٽ ڪري. سپريم ڪورٽ جي نظرثاني درخواست، موجودا درخواست ۽ ٻين لاڳاپيل درخواستن کي گڏائي شنوائي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هي انتهائي اهم، قومي، سياسي ۽ آئيني معاملا آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ پارليامينٽ، عدليا ۽ انتظاميا جي اختيارين جي واضح لڪير ڪڍيل آهي، عمران خان اها لڪير ڊاهڻ گهري ٿو. پڌرائي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته عمران خان ملڪ جي آئين، عوام جي حڪمراني واري حق، جمهوري نظام جو معيشت وانگر ڏيوالو ڪرڻ چاهي ٿو، سندس سوچ ۽ رويو پاڪستان جي رياستي نظام لاءِ اڏوهي بڻجي چڪو آهي. حڪمران اتحاد عزم ڪيو ته آئين، جهموريت ۽ عوام جي حڪمراني واري حق ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. گڏيل پڌرائي ڄاڻايو ويو آهي ته هر فورم ۽ ميدان تي سمورين اتحادي پارٽيون گڏجي اڳتي وڌنديون ۽ فسطائيت جي ڪارين اونداهين جو ڄمي مقابلو ڪنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button