اسلام آباد: نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 423 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. ڇنڇر ڏينهن اين آءِ ايڇ طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 423 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 693 ماڻهن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. ان طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل ٽيسٽن جي پازيٽو شرح 2 ڏهائي 96 سيڪڙو رهي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته 180 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close