اسلام آبادپاڪستان

عمران جي ڌمڪين ۽ گارين سان آئين ۽ قانون نٿو بدلائي سگهجي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد:سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي ڌمڪين ۽ گارين سان آئين ۽ قانون نٿو بدلائي سگهجي. چوڌري شجاعت پنهنجي ميمبرن کي اهي هدايتون جاري ڪيون جيڪي عمران خان جاري ڪيون هيون. رولنگ عمران صاحب جي حق ۾ هجي ته آئيني ۽ حمزا شهباز جي حق ۾ هجي ته غير آئيني. عمران صاحب جو ڪوڙ، فساد ۽ منافقت ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهيو آهي. ڇنڇر ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ملڪ چار سال ترقي نه پر ملڪ جو ڏيوالو نڪري رهيو هو، ملڪ کي چار سال لُٽيو پئي ويو، عوام جي روزگار تي ڌاڙو هنيو پئي ويو. ملڪ ۾ معاشي تباهي ٿي رهي هئي. هن چيو ته گذريل چار سال ملڪ تي بشريٰ گوگي ڪارٽلرز مافيا جو راڄ هو. سڌ سماءُ واري وفاقي وزير چيو ته حمزا شهباز سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جي نتيجي ۾ وڏو وزير بڻيو آهي. عمران خان سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ووٽ ڏيڻ جو اختيار صرف پارٽي سربراهه کي ڏنو آهي. هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃيو، ڌمڪي نه ڏيو. سپريم ڪورٽ اسپيڪر کي پارٽي سربراهه جي هدايت جي روشني ۾ ووٽ رد ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پارٽي سربراهه جي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندڙن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته آئين سان کيڏيندڙن ۽ آئين جي تشريح عمران خان جي ڌونس ڌمڪي ۽ گار سان نٿي ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ آئين سان ٺهي آهي، آئين جي اختيار سان هلندي آهي. هن چيو ته 10 ووٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ رد ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button