پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان ناري مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني جي رهواسڻ 22 سالن جي نوجوان ناري فرزانا گهرو اڻبڻت تان گهر اندر پنکي ۾ مبيناطور رسو ڳچي ۾ وجهي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. جڏهن ته مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪندڙ ناري جي وارثن لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران ناري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان کي ڪائي خبر نه آهي ته فرزانه خودڪشي ڇو ڪئي آهي، جيئن ئي اسان لاش ڏٺوسين ته کڻائي اسپتال آندو آهي. هوڏانهن مبينا خودڪشي ڪندڙ ناري جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رحمت پور صحافين کي ٻڌايو ته ڦاهو کائيندڙ فرزانه عمراڻي پنهنجي امڙ سان صبح جو رشتيداري جي معاملي تان تلخ ڪلامي ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ ناري ڪمري ۾ وڃي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button