اسلام آبادپاڪستان

وفاق وانگر پنجاب ۾ پڻ عمران کي اتحادي ڇڏي ويا:شيري رحمان

اسلام آباد :ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ٿي آهي، پوءِ چونڊ کي ڪهڙي بنياد تي چئلينج ڪيو پيو وڃي؟ اميد آهي ته عدالت عظمي معاملي کي وڌيڪ منجهائڻ کان پهرين فل بينچ جوڙيندي، ملڪ کي نقصان عمران خان جي مخالفن نه ان جي بدترين حڪومتي دور ڏنو. بي تحاشا قرضن، بدانتظامي ۽ معاشري ۾ پرتشدد ورهاست سان فاشسٽ ايجنڊا معاشي سونامي پيدا ڪئي آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ عمران خان جي ٽوئيٽ جي رد عمل ۾ ڏيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فل بينچ کي ان آئيني معاملي جي تشريح ڪرڻ گهرجي. هر موقعي تي آئين جي مختلف تشريح نٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته پنجاب جي 25 ايم پي ايز کي پارٽي لائين جي خلاف ووٽ ڏيڻ تي ڊي سيٽ ڪيو ويو هو. شيري رحمان اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت جي فيصلي کانپوءِ تحريڪ انصاف شاد مانا ڳائي رهي هئي، هاڻ جڏهن ان فيصلي موجب پي ايم ايل ڪيو جي 10 ميمبرن جي ووٽن کي رد ڪيو ويو ته اها ئي تحريڪ انصاف احتجاج ڪري رهي آهي. شيري رحمان چيو ته شڪست کانپوءِ عمران خان پنهنجي ئي موقف تان يوٽرن ورتو آهي، اپريل ۾ پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان عمران خان پنجاب جي ايم پي ايز کي پابند ڪري رهيو هو ته هو پرويز الاهي کي ووٽ ڏين. شيري رحمان چيو ته هاڻ چوي ٿو ته پارلياماني پارٽي جو سربراهه جيڪو فيصلو ڪري ٿو ميمبر ان تي ووٽ ڏيندا آهن، سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان ان وقت پارلياماني اڳواڻ هو؟ وفاقي وزير چيو ته آصف علي زرداري تي الزام لڳائڻ ۽ ان خلاف بدزباني تي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي هاڻي معافي گهرڻ گهرجي. آصف زرداري ان جي حواسن تي سوار آهي، هن چيو ته ڪالهه دنيا ڏٺو ته ڪنهن ووٽ نه خريد ڪيا، نئون سياسي اتحاد بڻائڻ آئيني ۽ جمهوري عمل آهي، اليڪشن ۾ جمهوري ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ سياسي پارٽين جو حق آهي. شيري رحمان چيو ته وفاق وانگر پنجاب ۾ پڻ عمران خان کي اتحادي ڇڏي ويا آهن، وفاقي وزير عمران خان جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي چيو ته ملڪ کي نقصان توهان جي مخالفن نه پر توهان جي بدترين حڪومت پهچايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button