پاڪستان

نواز شريف کي سزا ٻڌائيندڙ جج اسان جا ڪيس نه ٻڌن: گهرو وزير

لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف کي سزا ٻڌائيندڙ جج اسان جا ڪيس نه ٻڌن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته چيف جسٽس اسان لاءِ به انصاف جو معيار ٺيڪ ڪري، اپيل آهي ته اسان جو ڪيس فل بئنچ ٻڌي، ماضي ۾ نواز شريف سميت ن ليگ قيادت کي سزا ٻڌائيندڙ جج اسان جي خلاف ڪيسن جي شنوائي ڪندڙ بئنچن ۾ ويٺا آهن، ان سان عدالتي روايتن جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي، جن ڪيسن ۾ ن ليگ ڌر آهي، انهن ۾ اهي جج نه ويهن يا وري فل ڪورٽ انهن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري ته جيئن انصاف ٿيندو نظر اچي. هن چيو ته اسان عدالتن جو احترام ڪيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته عدالتن جو احترام ڪيو وڃي پر ڪالهه انهن سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران گوڙ ڪيو، عمران خان جي غنڊن سپريم ڪورٽ جون ڀتيون ٽپيون ۽ زبردستي آفيسن ۾ داخل ٿيا پر لاڳاپيل ٿاڻي تي ڪا شڪايت نه ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته عمران خان چونڊون کٽي به اليڪشن ڪميشن کي گاريون ڏيندو آهي ۽ ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو آهي، ان جي ڪنهن به ڳالهه تي يقين نه ڪرڻ گهرجي، عمران نيازي قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي ۽ ورهائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button