پاڪستان

سريلنڪا جهڙي تحريڪ کان پري ناهيون، ماڻهو رستن تي هوندا: عمران خان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو وري خبردار ڪيو آهي ته اسان سريلنڪا واري تحريڪ کان پري ناهيون. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان لکيو ته رڳو ٽن مهينن دوران زرداري ۽ شريف مافيا ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طور گوڏن ڀر آندو آهي. هي مافيا 30 سالن کان لٽيل دولت بچائڻ لاءِ ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن. عمران خان سوال اُٿاريندي چيو ته آخر ڪيستائين رياستي ادارا ان ڳالهه جي اجازت ڏيندا رهندا؟ هن وڌيڪ لکيو ته يقين سان چوان ٿو ته پنهنجي قوم سان ملاقات ۽ حقيقي آزادي لاءِ ڏنل سڏ کانپوءِ سامهون ايندڙ ردعمل مان واضح ٿئي ٿو ته پاڪستاني عوام هن مافيا کي وڌيڪ ڦرلٽ جي اجازت نه ڏيندو، اسان سريلنڪا جهڙي تحريڪ کان پري ناهيون جڏهن ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button