پاڪستان

چيو وڃي ٿو ته هدايتن تي هلو نه ته بحران پيدا ڪنداسين: فضل الرحمان

اسلام آباد: اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومت کي چيو وڃي ٿو ته هدايتن تي هلڻو آهي نه ته بحران پيدا ڪنداسين. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ادارا ماٺ ڪري ويهن ته ڪو بحران ناهي، عمران خان اسان لا چپٽي واري حيثيت به نٿو رکي ان کي بلا بڻائي پيش نه ڪيو وڃي، اسان عمران خان جي حيثيت ڄاڻون ٿا ۽ هو اسان کي سڃاڻي ٿو، اهڙو ڪو مسئلو ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن بنا سبب بحران پيش ڪرڻو آهي ته عام ماڻهو کي پيش ڪري ڇڏيو، ملڪ کي بحران ۾ ڪير مبتلا ڪري رهيو آهي کليل ڳالهه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم کي يونيٽي آف ڊمانڊ جي حيثيت حاصل آهي پر حڪومت کي چيو ويندو آهي ته هدايتن تي هلڻو آهي نه ته بحران پيدا ڪري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button