اسلام آبادپاڪستان

حڪومت طرفان پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت فل ڪورٽ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد/لاهور :وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعتن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي فل ڪورٽ بئنچ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ڪالهه پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن طرفان فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومتي اتحادي ۽ پي ڊي ايم جي جماعتن جا اڳواڻ اڄ صبح ساڍي ڏهين وڳي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ڪندا ۽ پريس ڪانفرنس کانپوءِ پنهنجي وڪيلن سان گڏ گڏيل طور سپريم ڪورٽ ويندا.اطلاعن موجب وڏي وزير جي چونڊ، سپريم ڪورٽ بار جي نظرثاني درخواست ۽ لاڳاپيل درخواستن جي گڏ شنوائي جي اپيل ڪئي ويندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ (ف) ان درخواست لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندي. درخواستگذارن ۾ ايم ڪيو ايم، اي اين پي، بي اين پي، بي اي پي ۽ ٻيون اتحادي پارٽيون شامل آهن. جڏهن ته قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر اعظم نذير چيو آهي ته اي 63 جو ڪيس سڀ کان اهم آهي، ان لاءِ لارجر بينچ ٺاهڻ ضروري آهي ته جيئن انصاف نظر اچي سگهي. جڏهن ته عدالت پاڻ ئي فيصلو جاري ڪندي ته نگران وڏي وزير جو مطلب ڇا آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ چينل مريم نواز ۽ مريم اورنگزيب جا نالا وٺي عدالتن خلاف مهم هلائي رهيو آهي پر ن ليگ ادارن ۽ عدالتن جو احترام ڪري ٿي، اسان اهڙن الزامن کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته چوڌري شجاعت جو خط اڃا تائين عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي، اسد عمر جو خط آهي ته عمران خان جي هدايت آهي ته ق ليگ کي ووٽ ڏيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن ق ليگ جي پارلياماني ليڊر کي معلوم ٿيو ته پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڪٿي ٿي رهيو آهي. اجلاس جا منٽس ڪٿي آهن، ان ڪري فل ڪورٽ ويهڻ ۾ ڪو حرج ناهي. بئريسٽر اعظم نذير چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جو فيصلو آئيني ۽ قانوني آهي، سيڪريٽري جنرل طرفان خط آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي درخواست تي اسان جا 25 ووٽ گهٽ ڪيا ويا. چوڌري شجاعت ق ليگ کي چيو ته حمزه شهباز کي ووٽ ڏيو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان سياسي طور اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، آئيني ۽ قانوني مسئلا حل طلب آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button