لاهور :پنجاب جي ٽرسٽي وڏي وزير جي 60 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو، جنهن ۾ خاص مددگار، صلاحڪار ۽ سياسي صلاحڪار به شامل آهن. حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي، جتي گورنر پنجاب بليغ الرحمان نئين چونڊيل ڪابينا جي ميمبرن کان حلف ورتو، 60 رڪني ڪابينا ۾ پنجاب جي وڏي وزير جو 5 صلاحڪار، 5 خصوصي معاون ۽ هڪ سياسي صلاحڪار شامل آهن. حلف کڻندڙ وزيرن ۾ ميان مجتبيٰ شجاع الرحمان، بلال ياسين، خواجا عمران نذير، خواجا سلمان رفيق، ملڪ احمد خان، سردار اويس لغاري شامل آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي جا 3 وزير به حصيدار آهن. ان کان علاوه رانا محمد اقبال، مهرا اعجاز، ملڪ نديم ڪامران، رانا مشهود، حسن مرتضيٰ، علي حيدر گيلاني، خليل طاهر سنڌو، ثانيه عاشق، عظميٰ بخاري ۽ اسد کوکر، مجتبيٰ شجاع الرحمان، جهانگير خانزاده، بلال اصغروديچ ۽ فدا حسين به شامل آهن، جن حلف کنيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close