پاڪستانسنڌ

سڄي سنڌ جل ٿل، وڌيڪ مينهن جي اڳڪٿي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ اڄ موڪل جو اعلان

حيدرآباد:سنڌ ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجوڙ سان برسات پئي، ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهندڙ برسات سبب سڄي سنڌ جل ٿل ٿي وئي، سنڌ سرڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو. موسميات کاتي پاران وڌيڪ مينهن پوڻ جي اڳڪٿي به ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن کان جاري برسات سبب شهر جا اڪثر علائقا ۽ اهم روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا. حيدرآباد شھر ۾ قدم گاهھ مولا علي روڊ، مڪي شاھه روڊ، بئراج ڪالوني، ريلوي ڪالوني، لياقت ڪالوني، ٽيون نمبر تلاءَ، قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني، ذيشان سوسائٽي، چانڊيا ڳوٺ، مولابخش چنا ڳوٺ، نسيم نگر، فراز ولاز، وحدت ڪالوني ۽ شيدي ڳوٺ، لطيف آباد تعلقي جي مختلف علائقن حسين آباد، يونٽ نمبر 2، 4، 7، 8، 11، 12 سميت مختلف ھيٺاهين وارن علائقن ۾ برسات جو پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو. ٽنڊومحمد خان، بلڙي شاهه ڪريم، ٽنڊو غلام حيدر، ملاڪاتيار، شيخ ڀرڪيو ۽ ضلعي جي ٻين شهرن ۾ تيز وسڪاري سبب ڪيترن ئي ڪچن گهرن جون ڇتيون ڪري پيون، ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ 20 ورهين جو نوجوان سجاد خاصخيلي برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا. ٽنڊو محمد خان شهر جي مشترڪا ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڊهڻ سبب 12 ورهين جي نينگري مريم ڌي مقصود سخت زخمي ٿي پئي. بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ انور مڱڻهار ۾ پورهيت محمد پڃل مگڻهار جي ڪچي گهر جي ڇت ڊهڻ جي نتيجي ۾ 6 ورهين جي ڌي ذڪيه زخمي ٿي پئي. بدين شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ آچر رات کان پوندڙ برسات سبب بدين شهر جا 80 سيڪڙو علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. سيراڻي، ڪڍڻ، ڀڳڙا ميمڻ، کوسڪي، نندو، شادي لارج، ٽنڊوباگو، پنگريو، ملڪاڻي شريف، تلھار، گولاڙچي، ڪڙيو گهنور، ماتلي ۽ ضلعي جي ٻين شهرن ۾ پڻ برسات جو سلسلو جاري آهي. ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شديد برسات پئي. ٽنڊوالهيار، جهنڊو مري، پيارو لنڊ، ميرآباد، ڊاسوڙي، عثمان شاهه هڙي، نصرپور، چمبڙ، سنجر چانگ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات سبب دڪانن ۽ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. ميھڙ جي جابلو علائقن مان نئين دلان، نئين مرزراڻي ۽ نئين سگهرو وهي اچڻ ڪري مختلف ڳوٺن جو درگاهه شاهه گودڙيو کان ميهڙ طرف زمين جو رابطو ڪٽجي ويو ۽ ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري مٿانهين علائقن ۾ کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا. مسڻ وڏي ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي. گذريل شام کان وقفي وقفي سان پيل تيز طوفاني برساتن بجلي جا ٿنڀا ڪيرائي ڇڏيا. ٽنڊوآدم شهر ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل 2 ڏينهن کان وقفي وقفي سان تيز برسات سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. ننگرپارڪر ۾ زبردست برسات وسي پئي. شهر ۾ 88 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڀٽياڻي ڊيم ۽ گوڙڌرو ڊئم پڻ پاڻي سان ڀرجي ويا. قمبر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زوردار برسات جو وسڪارو پيو. شهر جي مين روڊن سميت مختلف هنڌن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو. سجاول جوڻيجو سميت ڀرپاسي علائقن اندر تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رھيو. ڊيرا الهيار ۽ ڀرپاسي برسات پوڻ سبب شھرن جي مين روڊ رستن سميت ھيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ برساتن سبب اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير صورتحال کي ڏسندي صلاح مشوري کانپوءِ 25 جولائي تي موڪل جو فيصلو ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته انهن ڊويزنز ۾ اڄ ٿيندڙ تيز برسات ۽ سڀاڻي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف موسميات کاتي ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي جون تيز هوائون گذريل رات کان سنڌ ۾ داخل ٿيون ۽ اهي 26 کان 27 جولاءِ تائين برقرار رهنديون. موسميات کاتي موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٺٽي، سجاول، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، حيدرآباد، مٽياري، سانگهڙ، نواب شاهه، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، دادو، ڄامشوري، شڪارپور، قمبر-شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ ڪراچي ۾ 27 جولائي تائين تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ايڊوائزري ۾ هيٺين علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ ۽ اربن فلڊ جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button