لاهور:چوڌري پرويز الاهي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جهاز جيڏي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي کليل ڀڃڪڙي آهي. مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي اميدوار چوڌري پرويز الاهي پنجاب ڪابينا جي حلف برداري تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. ٽرسٽي وڏي وزير اقتدار بچائڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي خزاني جو منهن کولي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پنجاب جي ٽرسٽي وڏي وزير حمزه شهباز اتحادين سان مشاورت کانپوءِ 60 رڪني ڪابينا جوڙي آهي، جنهن ۾ 41 وزير، 5 خاص نمائندا، 5 صلاحڪار ۽ 5 خاص مددگار شامل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close