پاڪستانسنڌ

سنڌ سرڪار برسات متاثرن لاءِ ڪوبه بندوبست ناهي ڪيو: عوامي تحريڪ

حيدرآباد: عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، مٺا خان لاشاري ۽ ستار رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب سنڌ ۾ برساتن سڪار بدران تباهي آندي آهي. سنڌ سرڪار برسات متاثرن لاءِ ڪو به بندوبست ناهي ڪيو. افغانستان جي برسات متاثرن جي وفاقي حڪومت کي ڳڻتي آھي، سوين ٽن ڪڻڪ امداد طور موڪلي وئي آهي پر سنڌ جي برسات متاثرن جي امداد لاءِ وفاقي سرڪار ڪا به حڪمت عملي ناهي جوڙي.

وفاقي سرڪار جي سنڌي عوام جي مسئلن کان لاتعلقي سبب ائين پيو محسوس ٿئي ته وفاق کان اهو وسري ويو آهي ته ڪو سنڌ به پاڪستان جو حصو آهي. سنڌ جا وسيلا لٽي ڦري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ مهل وفاقي سرڪار سنڌ جي مالڪي ظاهر ڪندي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻوڏن ۽ ڏڪارن واري صورتحال ۾ وفاقي سرڪار ڳولهي نه لڀندي آهي. سنڌ سرڪار به برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران سنڌي عوام کي ڦري لٽي، سنڌي عوام جي پئسن کي پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي خريد و فروخت واري منڊي ۾ سنڌي عوام جو پئسو استعمال ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button