پاڪستانسنڌ

گجي شهر کي انتظامي نااهلي ٻوڙي ڇڏيو، ٻوڏ جهڙي صورتحال

گجو: گجي شهر کي ايف ڊبليو او، پبلڪ هيلٿ ۽ مقامي انتظاميا جي نااهلي نيٺ ٻوڙي ڇڏيو. قومي شاهراهھ سميت شهر جي گسن، گهٽين ۽ گهرن ۾ به برساتي پاڻي داخل ٿي ويو، اسڪول ۽ اسپتال به برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن. تازو 2 ڪروڙ جي ماليت سان ٺاهيل ڊرينيج اسڪيم مڪمل طور ناڪارا ٿي وئي. گٽر ناليون ابتيون وهڻ سبب شهر جي هيٺائين وارن علائقن ۾ برسات توڙي گٽرن جو پاڻي گهرن اندر داخل ٿيڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال آهي. ايف ڊبليو او پاران نيڪال جو جوڳو بندوبست نه هئڻ سبب برساتي پاڻي قومي شاهراھه تي تلاءُ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي انتظاميا شهر مان پاڻي جي نيڪال لاءِ فقط 2 مشينون لڳايون ويون آهن. ايڊمنسٽريٽر ۽ سيڪريٽري ايمرجنسي حالتن ۾ گجي جي سار به نه لڌي آهي. شهر ۾ پاڻي نيڪال لاءِ مقرر ڪيل هڪ ڪلارڪ مظفر جکر کي سياسي آشريواد رکندڙ ڪيترائي ملازم مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن. انتظامي نااهلي بعد اڳوڻي يوسي چيئرمين عبدالجبار ميمڻ سميت شهر جي سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين پاڻي نيڪال ڪرڻ لا انتظاميا جي مدد ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button