پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ برسات جي پاڻي نيڪال دوران سوين جهڳيون ۽ ڪکاوان گهر ٻڏي ويا

حيدرآباد (رپورٽ: راشد لغاري) حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ واڌو واهه مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ دوران گهوڙا گرائونڊ ۾ کليل آسمان هيٺ اڏيل جهڳيون ۽ ڪکاوان گهر ٻڏي ويا آهن. جڳهين ۾ رهندڙ عورتون، ٻارڙن ۽ مردن جي انتظاميه گهور نه لڌي آهي. خبر موجب حيدرآباد جي مسلسل سانوڻي جي برسات دوران قاسم آباد جي واڌو واهه ۾ قاسم آباد جي مختلف ڪالونين، علائقن ۽ پلازائن جو پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي. واڌو واهه جو پاڻي وري پونم پمپ چوڪ کان ڪٽ هڻي گهوڙا گرائونڊ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. جنهن پاڻي سبب گهوڙا گرائونڊ ۾ جهڳيون اڏي ويٺل سوين ڪٽنب سخت پريشان آهن. سندن 500 کان وڌيڪ جهڳيون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن. جنهن ۾ دستي، باگڙي، جوڳي، گرگلا ۽ جنڊاواڙا سندن گهرڀاتين لا ڪکاوان گهر ۽ جهڳيون اڏي ويٺل آهن. جتي سندن جهڳين ۾ برسات جو ڇوڙ ڪيل پاڻي داخل ٿي ويو آهي.

جتان وري واپس پاڻي جي نيڪال لا انتظاميه طرفان هڪ موٽر پڻ لڳائي وئي آهي. جيڪا جهڳين مان پاڻي ڪڍي واپس گرائونڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري رهي آهي. ان موقعي تي رهواسين ٻڌايو ته برسات جي گندي پاڻي ۾ اسان جا 2 سئو گهر ٻڏي ويا آهن. سائينداد دستي ٻِڌايو ته اسان جا هتي 300 کان وڌيڪ کڪاوان گهر آهن. جيڪي مڪمل پاڻي هيٺ آهن. هنن چيو ته هڪ آبادي کان بچائڻ لا اسان جي 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻوڙي ويو آهي. هن چيو ت اسان اصل بدين جي ندو شهر کان هتي روزگار لا آيل آهيون، مزدورن ڪري پيٽ پاليندا آهيون. جهڳين جي پاڻي هيٺ اچڻ سبب سخت پريشان آهيون. هن چيو ته صوبائي زوير ڄام خان شورو پاڻي جي نيڪال لا هڪ موٽر لڳرائي ڏني آهي. پاڻي وڌيڪ آهي. جيڪو نيڪال ٿيڻ مشڪل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button