پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ اي ايس آئي ۾ جهيڙو، ايس پي حيدرآباد نوٽيس ورتو

ٽنڊوڄام/حيدرآباد: ٽنڊوڄام ٿاڻي تي ايس ايڇ او ۽ اي ايس آ وچ جهيڙو، هڪٻئي تي الرون ۽ ڳلي ۾ هٿ، اي ايس آ جي مائٽن ٿاڻي جو گهيرا ڪري اي ايس آ کي فرار ڪرائي ڇڏيو، ٽنڊوڄام ٿاڻي تي اي ايس آ خلاف ڪيس داخل، خبر موجب ٽنڊوڄام جي المدينه ڪالوني ۾ هڪ نجي جڳهه ۾ ڪرائي تي ويٺل اي ايس آئي عتیيق خاصخيلي ۽ جا مالڪ محمد ياسين شاھه وچ ۾ جاءِ جي ڪرائي ۽ بجلي جي بل تان تڪرار پيدا ٿيو، جنهن بعد جاءِ مالڪ ٿاڻي تي اطلاع ڏئي اي ايس آ خلاف شڪايت ڪئي، جنهن بعد ايس ايڇ او فرحان ميمڻ فوري واقعي واري هنڌ پهتو، جتي ايس ايڇ او ۽ پوليس جي موجودگي ۾ ايس ايس آ مبينا نشي ۾ ھجڻ سبب ايس ايڇ او ۽ جا مالڪ مٿان هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جنھن بعد پٽي ڀائي جو خيال رکندي پوليس واپس موٽي آئي، جڏهن ته پوليس اي ايس آئي به ٿاڻي تي پهچي ويو، جتي ٻيهر ايس ايڇ او فرحان ميمڻ ۽ اي ايس آئي عتيیق خاصخيلي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جتي مليل ڄاڻ موجب اي ايس آئي، ايس ايڇ او کي ڳلي کان به جهليو ۽ گارگند پڻ ڪندو رهيو، بعد ۾ ٻنهي ڌرين جا وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٿاڻي تي گڏ ٿي ويا، جنهن ڪري مختلف ٿاڻن جي نفري طلب ڪئي وئي.

هوڏانهن جاءِ مالڪ ياسين شاھه ۽ سندس پٽ محسن علي ٻڌايو ته اي ايس آئي عتیيق شراب جي نشي ۾ گارگند ڪئي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل اي ايس آئي عتيق خاصخيلي چيو ته فائرنگ هن ناهي ڪئي پر مٿس فائرنگ ڪئي وئي آهي، هن ٻڌايو ته جاءِ مالڪ بجلي جي بل ۾ ساڻس ناجائزي ڪري رهيا هئا، جنهن تان جهيڙو ٿي پيو، ٻئي پاسي اي ايس آ عتيق خاصخيلي جي وارثن پاران رات دير سان ۽ صبح جو روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ھوڏانھن ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ معاملي جو نوٽيس وٺندي اي ايس آئي معطل کي ڪرڻ سان گڏ معاملي جي انڪوائري لاءِ اي ايس پي حسين آباد حسين وارث کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو آھي، جڏھن ته جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي چيو تھ پوليس کاتي ۾ ڪارين رڍن ۽ بداخلاق آفيسر برداشت نھ ڪيو ويندو، ٻئي طرف ايس ايڇ ٽنڊوڄام رابطي ڪرڻ تي چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ اي ايس آئي ٿاڻي تان زبردستي فرار ٿي ويو. هوڏانهن معاملي کي حل ڪرڻ جون ڪوششون به جاري هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button