اسلام آبادپاڪستان

ججن جي مقرري ۾ چيف جسٽس جي تڪڙ سواليا نشان آهي:جسٽس فائز

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ججز مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ ڄاڻايو آهي ته هو هن وقت موڪل تي پرڏيهه ۾ ترسيل آهي. جڏهن موڪل تي ويس ته ان وقت جڊيشل ڪميشن جو ڪوبه اجلاس شيڊول نه هو. منهنجي پرڏيهه وڃڻ کانپوءِ ٻه اجلاس ٿيا، جڏهن ته منهنجي غير موجودگي ۾ جڊيشل ڪميشن جو ٽيون اجلاس 28 جولاءِ تي سڏايو ويو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف جسٽس جڊيشل ڪميشن فورم کي کل جوڳو نه بڻائي. جڊيشل ڪميشن ۾ چيف جسٽس جي پهريان کان سليڪٽڊ نالن تي غور واري روايت ختم ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس طرفان ججن جي مقرري واري معاملي تي تڪڙ سواليا نشان آهي. چيف جسٽس چاهي ٿو ته 2347 دستاويزن جو هڪ هفتي ۾ جائزو ورتو وڃي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سنيئر ججز کي باءِ پاس سان پهرين نامزدگي جو طريقڪار غور هيٺ آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج ججز جي نامزدگي جو طريقيڪار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. جسٽس قاضي فائز لکيو ته اجلاس بابت دستاويز اڃا تائين مون کي ناهن ڏنا ويا. واٽس ايپ تي هي هزارين دستاويز مون ڏانهن موڪليا ويا آهن، جن مان مون کي رڳو 14 صفن تائين پهچ ملي جيڪي پڙهي به نٿا سگهجن. خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس گرمين وارين موڪلن جو نوٽيفڪيشن پاڻ جاري ڪيو هو. جيڪڏهن چيف جسٽس لاءِ پنهنجو ڪيل فيصلو ئي بي معنيٰ آهي ته ڀڃڪڙي بدران اهو واپس ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button