پاڪستانسنڌ

صدارتي ايوارڊ يافتا مصري جوڳي هميشه لا وڇڙي ويو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ مرلي جي ڌن تي نانگ نچائيندڙ صدارتي ايواڊ يافتا دنيا جو مڃيل ناليوارو گلوڪار جوڳي برادري جو سردار مصري جوڳي لاڏاڻو ڪري ويو، جگر جي مرض ۾ مبتلا مصري جوڳي اباڻي ڳوٺ ويهرو شريف ۾ زندگي جا آخري پسا پورا ڪيا، بيماري دوران ثقافت کاتي جي وزير سندس ڪا سار نه لڌي، مصري جوڳي ڪجهھ عرصي کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو، جنهن جو گمس مان علاج هلندڙ هو، گذريل ڏينهن گهڻي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري هن دم ڏنو. مصري جوڳي جو تعلق ثقافت واري وزير سردار شاهھ جي اباڻي شهر عمرڪوٽ سان هجڻ باوجود سردار شاهه هڪ ڀيرو به مصري جوڳي جي عيادت نه ڪئي، نه ئي ڪا مالي مدد ڪئي. مصري جوڳي دنيا جي شهرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن لنڊن، برطانيا، آمريڪا ۽ دبئي سميت ٻين مختلف ملڪن ۾ مرلي تي نانگ نچائي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ مصري جوڳي کي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو. مصري جوڳي جي وڇوڙي تي جوڳي قبيلي ۽ فنڪارن ۾ سوڳ جي لهر ڇانئيل آهي. مصري جوڳي جون آخري رسمون اڄ سندس اباڻي ڳوٺ ويهرو شريف ۾ ادا ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button