اسلام آبادپاڪستان

عمران جو خط حلال، چوڌري شجاعت جو حرام هي ڪهڙو انصاف:مريم اورنگزيب

اسلام آباد:سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو خط حلال ۽ چوڌري شجاعت جو حرام هي ڪهڙو انصاف آهي؟ هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مسئلو هاڻ پنجاب حڪومت جو ناهي، آئين ۽ انصاف جو آهي، سوال اهو آهي ته فل ڪورٽ ڇو ناهي؟ هڪ جهڙي خط تي 2 ڌار ڌار فيصلا ڇو؟ هن چيو ته آئين ٽوڙيندڙ عمران خان جي خط تي 25 ڦريل ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ناهي، اهي 25 ميمبر ڊي سيٽ به ٿي ويا ۽ ووٽ به نه ڪيو ويو، چوڌري شجاعت ۽ عمران خان جي خطن جي تشريح ۾ فرق ڇو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button