پاڪستان

جج دٻاءَ ۽ ڌمڪين باوجود ڄمي بيٺا،فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا:عمران

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي ججن کي ساراهيو آهي. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪيان ٿو. سپريم ڪورٽ جي ججن کي قانون ۽ آئين خاطر ڄمي بيهڻ تي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج دٻاءَ ۽ بدزباني باوجود ڄمي بيٺا، بئريسٽر علي ظفر ۽ ان جي ٽيم جا به ٿورا مڃان ٿو.اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ننڍي چونڊ ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ پنجاب جي نڪتل عوام جا پڻ ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button