پاڪستان

مريم نواز سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي “عدالتي بغاوت” قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي “عدالتي بغاوت” قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مريم نواز پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عدالتي فيصلي تي ردعمل ۾ “جوڊيشل ڪُو” لکيو. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته “انصاف جو قتل نا منظور”. ان کان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت کي سخت موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ڄمي بيهڻ گهرجي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته حڪومت ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي يا اسٽيٽس ڪو جو شڪار بڻجي. سندس چوڻ هو ته ليڊر انهن حالتن سان ٺهندا آهن، جن کي اهي منهن ڏيندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button