پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ برساتن بعد ايل بي او ڊي تي دٻا وڌي ويو

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ تازي برساتن بعد ايل بي او ڊي سم نالي تي پاڻي جو دٻا وڌڻ لڳو، انتظاميا امڪاني خطري سبب حفاظتي انتظام نه ڪيا. مھا ٻوڏ دوران آر ڊي 276 وٽ سم نالي کي 2 گھارا لڳا هئا، جن وڏي تباهي آندي، 2011ع واري ٻوڏ ۾ برساتن کان وڌيڪ تباهي ايل بي او ڊي سم نالي ڪئي، سم نالي جي زھريلي ڪيميڪل واري پاڻي زرخيز زمينون تباهھ ڪيون، ھزارين ماڻھن لڏپلاڻ ڪري جان بچائي. ساڍا چار ھزار ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪندڙ سم نالي جا ڪپر ڪمزور هجڻ باوجود اختيارين نوٽيس نه ورتو. ديوين جا وڻ بيٺل ھجڻ سبب پاڻي کي وک وک تي مشڪلاتون پيش اچن پيون. آدم موري کان ڍوري ۽ ايل بي او ڊي جي ميلاپ تائين ٻنھي پاسن کان پاڻي خطري واري نشان تي پهچي ويو. ايل بي او ڊي کي لڳل گهارن سبب شهر 2 ڀيرا اڳ به ٻڏي چڪو آهي، پر اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود ايل بي او ڊي سم نالي جي ڪامورن کاٽي نه ڪرائي، نه ئي پاڻي جي نيڪال واري گنجائش وڌائي وئي، رڳو گيج ماپ وارا پلر ٺاهي رقم مبينا طور هڙپ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button