پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿي، لڏپلاڻ تي مجبور

ورڪشاپ: ورڪشاپ ۾ برساتي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي. ورڪشاپ جي ھيڊ جمڙائو، واڊڪي ۽ فوجي موڙ علائقن ۾ برسات فصلن کي تباهھ ڪري ڇڏيو آهي، برسات سبب چوپائي مال جو چارو به ختم ٿي ويو، جنهن سبب علائقي واسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. ان سلسلي ۾ رهواسين “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ھن وقت تائين ڪنھن به چونڊيل نمائندي سار ناھي لڌي، مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، ايم اين اي نويد ڏيرو هڪ ڀيرو به نه آيو آهي، رڳو پ پ اڳواڻن ۽ جيالن جي مدد ڪري رهيو آهي، سرڪار طرفان ھن وقت تائين ڪجھه به ناھي ڏنو ويو، گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن. هنن وڏي وزير ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته جلد نقصان جو ازالو ڪري مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button