پاڪستانسنڌ

مقصودي رند ۾ ٻاڄهي رند ٽيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند جي نگراني ۾ ٻن مھينن کان جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ملا حرمت اليون جي ٽيم ٻاجهي رند اليون جي ٽيم خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بيٽنگ ڪندي ملا حرمت جي ٽيم منيرڪيريو جي 35 رنسن جي مدد سان مقرر 15 اوورن ۾ 138 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ ٻاجهي رند جي ٽيم محبت علي رند جي 47 رنسن جي مدد سان 13 اوورن ۾ 138 رنسون ٺاهي فائنل کٽي ورت ٽورنامينٽ ۾ بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي الطاف حسين رند بهترين بالر آف دي ٽورنامينٽ، مئچ ۾ بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي بشير انڙ، محبت علي رند، ورنر ٽيم جي ڪيپٽن کي پ پ سينٽر امام الدين شوقين، معزز شخصيت حقير حضور بخش رند، ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو، ضلعي ڪائونسلر سائينداد خان رند، پ پ اڳواڻ محمد ابراهم رند، معزز شخصيت محمد شريف رند ۽ حاجي خان رند ايوارڊ ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button