پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ نوجوان قتل، گوليون لڳل لاش هٿ، ڀا گرفتار

ميھڙ: ميهڙ ڀرسان ڳوٺ خيرو ڀٽي ۾ نوجوان عبدالجبار کوسو جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، اهڙي اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ميهڙ آندو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي پاسي نوجوان جي سئوٽ صالح کوسو مقتول جي ڀا حبدار کوسو تي قتل جو الزام مڙهيو، جنهن کان پو پوليس پاران ڪارروائي ڪري مقتول نوجوان عبدالجبار کوسو جي ڀا حبدار کوسو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن مقتول نوجوان عبدالجبار کوسو جي سئوٽ صالح کوسو ميهڙ ٿاڻي تي پهچي ٻڌايو ته جوابدار ڀائر حبدار ۽ عمران کوسو مقتول نوجوان عبدالجبار کوسو کي منهنجي سامهون پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي ۽ هاڻي مخالفن کي ڪيس ۾ ڦاسائي رهيا آهن. جڏهن ته مقتول نوجوان عبدالجبار کوسو جي چاچي شمن کوسو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پراڻي سڱاوتي تڪرار تان مخالفن گهرن تي حملو ڪري نوجوان ڀائيٽي کي قتل ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس قتل الزام ۾ وري سندس ڀا کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪو ذهني معذور آهي. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته جبار کوسو کي سندس ڀا حبدار قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻي طرف ڊاڪٽرن موجب نوجوان عبدالجبار کوسو جو موت سيني ۾ 2 گوليون لڳڻ ڪري ٿيو آھي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button