پاڪستانسنڌ

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه برقرار، سطح 17 فوٽ ٿي وئي

ڀان سيدآباد: منڇر ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه برقرار، سطح 17 فوٽ ٿي وئي، مهاڻن جا چهرا ٻهڪي پيا. خبر موجب مسلسل برساتن کانپو ايشيا جي مٺي پاڻيءَ جي وڏي قدرتي ڍنڍ منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي، نئين گاج، نئين نئينگ شريف، جهانگارا، باجارا سميت ڪيترين ئي نئين مان برساتي پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ايم اين وي ڊرين ذريعي پڻ وڏي مقدار ۾ بلوچستان جو پاڻي داخل ٿي رهيو آهي، نتيجي ۾ تازين برساتن جي ڪجهه ڏينهن اندر ئي منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح 8 فوٽ کان وڌي 17 فوٽ ٿي وئي آهي. هڪ ڏينهن اڳ پاڻيءَ جي سطح 14.6 فوٽ هئي، جيڪا 24 ڪلاڪن دوران اڍائي فوٽ وڌي 17 فوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ڍنڍ جي بندن تي پڻ سخت دٻاءُ آهي. آبپاشي کاتي پاران بندن جي نگرانيءَ لاءِ هنگامي بنيادن تي عملو مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته برساتن کان اڳ منڇر جو ڳچ حصو سڪي ويو هو، برساتن دوران منڇر ۾ پاڻي اچڻ تي مهاڻن ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button