اسلام آبادپاڪستان

جسٽس فائز خلاف نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف نظرثاني درخواست (ڪيوريٽو ريويو) واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ريفرنس ٺاهيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي قانون سازي ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڪابينا سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس ۽ چيف جسٽس جي بئنچ جوڙڻ جي اختيارن تي قانون سازي جو فيصلو ڪيو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ان حوالي سان ٻڌايو ته عدالتي سڌارن تي پارلياماني ڪميٽي ٺهندي، آئين جي شق 175 اي ۽ شق 209 ۾ ترميمون ڪيون وڃن ته جيئن ججن جي مقرري ۽ برطرفي جو فورم هڪ ٿي سگهي ۽ ان ۾ ججن، بار، انتظاميا ۽ پارليامينٽ سڀني جي برابر نمائندگي هجي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. راڻا ثناءُ وڌيڪ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف جيڪو ڪيوريٽو ريويو داخل ڪيو ويو هو، ان جو ڪو مثال نٿو ملي. اهو ڪيوريٽو ريويو قاضي فائز عيسيٰ کي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ داخل ڪيو ويو هو. هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ هڪ معزز جج آهي، شهزاد اڪبر جهڙن غنڊن ان سان زيادتي ڪئي. قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪوڙو ريفرنس ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪابينا جي سب ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا انهن ذميوارن خلاف ڪارروائي تي رپورٽ ڏيندي. سندس چوڻ هو ته ڪابينا ۽ لا سيڪريٽري ٻڌايو ته ريفرنس داخل ڪرڻ ۾ ڪابينا جي منظوري نه ورتي وئي هئي، اهو تماشو ان وقت جي قانون واري وزير ۽ شهزاد اڪبر ڪيو. هوڏانهن وفاقي ڪابينا پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواستون رد ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويو ۽ ڪابينا اتفاق ڪيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف غير ضروري ڪارروائي ڪئي وئي، ان ڪري ان جو رڪارڊ عوام اڳيان پڌرو ٿيڻ گهرجي. بيان موجب اهي نظرثاني درخواستون رڪارڊ جي جاچ کانپوءِ خارج ڪيون وينديون، جڏهن ته ان حوالي سان انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ قمر زمان ڪائره، طارق بشير چيما ۽ راڻا تنوير سميت سمورين پارٽين جا نمائندا شامل هوندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواستن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button