اسلام آبادپاڪستان

عدالتي سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ عدالتي سڌران لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عدالتي سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو ٺهراءُ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ جو قومي اسيمبلي کي خطاب ۾ چوڻ هو ته قانونسازن کي قانونسازي جو ڪردار ڏنو ويو آهي. قانونساز ان تي عملدرآمد ڪن ۽ عدالت ان تي فيصلو ڪري. هن چيو ته هڪٻئي جي اختيارن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهجي، ڪنهن اداري کي اجازت نٿي ڏئي سگھي ته هو پارليامينٽ تي قبضو ڪري، عدالتي سڌارا وقت جي ضرورت آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button