اسلام آبادپاڪستان

منهنجي پنجاب ۾ داخلا بند ٿي ته اها گورنر راڄ جي شروعات هوندي:راڻا ثنا الله

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي پنجاب ۾ داخلا بند ٿي ته اها گورنر راڄ جي شروعات هوندي. پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سياسي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي. ڪالهه واري عدالتي فيصلي کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو بحث ٿي رهيو آهي. اُها افسوس جوڳي آهي، پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن، جن سان اهڙي گفتگو کي ڊيگهه ملندي آهي. هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو خط پڙهو، اهو خطرناڪ آهي. جيڪڏهن اهڙي فضا معتبر ادارن ۾ آهي ته اسان تباهي جي ڪناري تي بيٺا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن منهنجي پنجاب ۾ داخلا بند ٿيڻ بابت خبرون اچي رهيون آهن پر جيڪڏهن پنجاب ۾ منهنجي داخلا بند ٿي ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ گهڻائي جواز موجود آهن، گورنر راڄ جي سمري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير راڻاثناءُ الله جو چوڻهو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ ن ليگ جو فيصلو هو ته عام چونڊن ڏانهن وڃون، اتحادين سان صلاح مشوري بعد حڪومت ڪرڻ جو ڏکيو فيصلو ڪيو. هن چيو ته نواز شريف جلد ڏيهه واپس ايندو ۽ ن ليگ جي چونڊ مهم هلائيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button