اسلام آبادپاڪستان

عدليا ۾ سينارٽي خلاف مقرريون نه مڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي:سپريم ڪورٽ بار

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، سمورن صوبن جون هاءِ ڪورٽ بارز، پاڪستان بار ڪائونسل، صوبائي بار ڪائونسلز ۽ جڊيشل ڪميشن جي ميمبر ۽ نامزد ميمبرن پنهنجي هڪ گڏيل ٺهراءُ ۾ گهر ڪئي آهي ته آئين جي شق 175 اي ۽ شق 209 ۾ ترميمون ڪيون وڃن ته جيئن ججز جي مقرري ۽ کين هٽائڻ جو فورم هڪ ٿي سگهي ۽ ان ۾ ججز، بار، انتظاميا ۽ پارليامينٽ سڀني جي هڪ جيتري نمائندگي هجي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سوڌو بار ڪائونسلز سپريم ڪورٽ رولز ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو. گڏيل پڌرائي ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته 5 سينيئر ترين ججز جي ڪميٽي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس فڪس، پاڻمرادي نوٽيس ۽ بينچز جو فيصلو ڪري، نظرثاني اپيلون ٻڌڻ واري بينچ مرڪزي ڪيس جي بينچ کان مختلف هجڻ لاءِ رولز ۾ ترميم ڪئي وڃي.بار ڪائونسلز جونيئر ججز جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ججز مقرري جي آئيني شقن ۾ ترميم ڪئي وڃي، ججز مقرري جو اختيار رڳو چيف جسٽس وٽ نه هجي. بار ڪائونسلز جو چوڻ هو ته انهن جو ڪو ذاتي مفاد ناهي نه هو ڪنهن هڪ پارٽي سان گڏ آهن. سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون جو چوڻ هو ته جونيئر ججز جي نامزدگي سان تاثر ملي ٿو ته ڪجهه ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ چاهيو ٿا. ٻئي طرف بي بي سي مطابق وڪيلن گهر ڪئي ته آئين جي شق 175 (2) ۽ 191 ۾ ترميم ڪري بئنچن جي جوڙجڪ، ڪيسن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۽ سوموٽو وٺڻ ۾چيف جسٽس کي حاصل مڪمل اختيار ختم ڪري عدالت جي پنج سينيئر ججز کي ڏنو وڃي. آئيني ماهرن چيو ته پارليامينٽ آئين ۾ ترميم ڪري يا ايڪٽ جي ذريعي سپريم ڪورٽ جي معاملن کي ريگيولرائز ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ بئنچن جي جوڙجڪ ۽ انتظامي معاملا به شامل آهن. ياد رهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڊپٽِي اسپيڪر جي رولنگ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين طرفان اهو بيانيو ڏنو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي گهٽائڻ يا سندن معاملن جي نگراني ڪرڻ جي حوالي سان قانون سازي جي ضرورت آهي. پ پ جي اڳواڻ فرحد الله بابر پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي قيادت کي اعليٰ عدالتن ۾ ججز مقررين ۽ ترقين جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. پاڪستان جي آئين ۾ ارٽيڪل 176 کان آرٽيڪل 191 تائين سپريم ڪورٽ بابت آهن ۽ آئين جو آرٽيڪل 191 سپريم ڪورٽ کي اهو اختيار ڏي ٿو ته هو عدالتي ڪم اڪلائڻ لاءِ طريقيڪار بڻائي سگهي ٿي. اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته پارليامينٽ وٽ اهو اختيار آهي ته هو هن قانون ۾ ترميم ڪري سپريم ڪورٽ کي ان ڳالهه تي پابند ڪري سگهي ٿي ته هو انتظامي معاملن ۽مختلف ڪيسن جي شنوائي لاءِ بئنچن جي جوڙجڪ آئين مطابق ڪري. هن چيو ته ان کان سواءِ اعليٰ عدالتن ۾ ججز جي مقرري بابت پاڪستان جي چيف جسٽس يا لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وٽ ڪنهن به وڪيل کي هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ يا وري ڪنهن هاءِ ڪورٽ جي جج کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ لاءِ نالو تجويز ڪرڻ جو اختيار آهي. جڏهن ته هي اختيار به قانونسازي سان واپس وٺي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button