اسلام آبادپاڪستان

وفاقي حڪومت وينٽيليٽر تي بيٺي آهي،ڪيرائڻ مسئلو ناهي:فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله طرفان پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري ڌمڪي کانپوءِ فواد چوڌري به وفاقي حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان ردعمل ڏيکاريو ته پوءِ حڪومت نه رهندي. وفاق وينٽيليٽر تي بيٺو آهي، اسان جڏهن چاهيون ان کي ڪيرائي سگهون ٿا. ڪور ڪميٽي اڄ ئي فيصلو ڪندي ته اسلام آباد ۾ ڪڏهن تبديلي آڻڻي آهي. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله هينگون نه هڻي پر گورنر راڄ جي شق پڙهي وٺي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري فرخ حبيب جو چوڻ آهي ته گورنر راڄ جون ڳالهيون خبر هئڻ گهرجي ته پنجاب ۾ عوامي راڄ لڳي چڪو آهي. اسلام آباد ٽول پلازه کان ٻاهر نڪرو ته شهباز شريف جي حڪومت هونئن ئي ختم ٿي وڃي ٿي. هي عوامي ردعمل ٻه ڪلاڪ به برداشت نٿا ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button