اسلام آبادپاڪستان

فنڊنگ ڪيس بهترين مثال, لاڏلي کي ڪيئن بچايو پيو وڃي:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ان ڳالهه جو بهترين مثال آهي ته لاڏلي کي ڪيئن تحفظ ڏنو پيو وڃي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته نواز شريف کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي الزام ۾ نااهل ڪيو ويو، جڏهن ته لاڏلي کي موڪل ڏني وئي. هن وڌيڪ چيو ته 8 سالن کان ڪو به فيصلو نه ٿيو، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس روڪڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 9 رٽ درخواستون داخل ڪيون ويون. جڏهن ته شنوائي 50 ڀيرا ملتوي ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جمهوري نظام کي اثرائتي طريقي سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورا رياستي ادارا آئين جي مقرر ڪيل دائري ۾ رهي ڪم ڪن. گذريل ڏينن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير بابت ٽوئيٽ ڪيو ته منهنجي تقرير ۾ اهو خيال هو ته جمهوري نظام کي اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. سندس موجب ان لاءِ ضروري آهي ته رياست جا سمورا ادارا پنهنجي مقرر ڪيل آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن، ان شئي کي سمجهڻ بنا اسان رڳو هڪ دائري ۾ گهمندا رهنداسين ۽ ڪٿي نه پهچي سگهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button